اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) جامع مسجد رياض الجنته و اسلامڪ ڪمپليڪس جي نگران ۽ ناليواري مخير شخصيت ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ت??قي سندس اولين مشن آهي. اي پي پي سان خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته هڪ مهذب معاشري طور اسان کي هڪ ٻئي جي مدد ڪر?? گهرجي، انسانيت اسان کي ضرورتمندن جي سارسنڀال جو درس ڏي ٿي. ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ چيو ته گذريل 12 سالن کان هو ۽ سندس ادارو ايران ۽ عراق جي زائرين کي مفت طبي سارسنڀال فراهم ڪر?? ۾ مصروف عمل رهيا آهن ۽ 20 کان وڌيڪ ??لڪ?? جي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. وڌيڪ اهو ته 2008ع کان هُن روات جي هڪ ڪاليج ۾ يتيمن، محروم ٻارن ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪر?? جي خير جي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نثار فاطمه امين فائونڊيشن (اين ايف اي) جي ت??اون سان اسان مستحق ٻارن جي لاءِ ڪتاب، يونيفارم، اسڪول بيگ ۽ خوراڪ سميت مڪمل تعليمي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اها ڪوشش ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته شاگرد مالي بار کانسواءِ معياري ت??ليم حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر سهيل مجيد نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي خدمت جي جذبي کي فروغ ڏين ۽ حقيقي ڪاميابي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ ۾ آهي. هن چيو ته ٻين جي مدد ڪر?? انسانيت جو حقيقي پيغام آهي جيڪو نوجوانن کي سچي نيت سان ڪم ڪر?? ۽ انسانيت جي احترام کي اختيار ڪر?? جي ت??غيب ڏي ٿو.
انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي اولين مشن آهي: ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ