اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفا?? نذير اوگلو ملاقات ڪئي، ??نهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ع??ائ??ائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ تفهيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عقيدي، ??قافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مثالي ڀ??ئر??ڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته وڌندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ