اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ سٺا ثمر کڻ?? ايندو، نومبر 2024ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال نومبر ۾ 2.9 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ تي ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال جي پهرين 5 مهينن ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 33.6 سيڪڙو کان وڌي 14.8 ارب ڊالر تائين پهچي ويو جيڪو خوش آئنده آهي ۽ معيشت جي لاءِ سٺا ثمر کڻ?? ايندو، الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت جي معاشي ٽيم جون ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ٻاهرئين م??ڪن مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، مهانگائي جي شرح ۾ وڏي گهٽتائي ۽ معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، ٻ??هرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو فخر ۽ پاڪستان جا سفير آهن، ٻ??هرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين م??ڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن سان پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا