قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائين قاهره مصر ۾ منعقد ٿيندڙ اسرن??ڙ 8 ملڪن جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ ش??ڪت کانپوءِ ٻن ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪري پاڪست??ن روانو ٿي ويو. عرب جمهوريه مصر جي هوابازي واري وزير سامح احمد الخنفي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن هوائي اڏي تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۽ وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪيو. وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪندڙ سربراهن س??ن ملاقات پڻ ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شامل هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر ۾ ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن روانو
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری