اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار ملٽري ڪورٽس جي معاملي کي تڪراري بڻائي رهي آهي، ملٽري ڪورٽس تي سياست ڪندڙ اهو وساري رهيا آهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي ??ور ۾ ملٽري ڪورٽس جون فضيلتون بيان ڪندو رهيو آهي، ملٽري ڪورٽس ۾ ڪنهن جو ٽرائل ان وقت ٿئي ٿو جڏهن ڪير دفاعي اداري تي حملي آور ٿئي، فوجي ٺڪاڻن تي حملي جو ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ ئي هلندو آهي، جوابدار کي وڪيل ڪرڻ، رڪارڊ تائين پهچ ۽ فيصلي جي ??لاف اپيل جو حق حاصل هوندو آهي، جن کي سزا ٿي انهن جي ??لاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جي ڪوشش آهي ته ملٽري ڪورٽس جي معاملي کي تڪراري بڻايو وڃي ۽ ان تي سياست ڪئي وڃي. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته ملٽري ڪورٽس ۾ ڪنهن جو ٽرائل انهي وقت ٿئي ٿو جڏهن ڪير دفاعي اداري تي حملي آور ٿئي. هن مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کان ريلوي اسٽيشن يا ريل ۾ سفر دوران ڪو ڏوهه ٿئي ٿو ته ان جي ??يف آءِ آر ريلوي پوليس رجسٽرڊ ڪري ٿي، جيڪڏهن ڪير منشيات جي ??والي سان ڏوهه ڪندو ته ان تي ڪارروائي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪندي. اهڙي طرح جڏهن ڪنهن عسڪري ٺڪاڻي تي حملو ٿيندو ته ان تي ڪارروائي به آرمي ايڪٽ تحت ٿيندي ۽ ان جو ٽرائل ملٽري ڪ??رٽ ۾ ئي هلندو. وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي ??ور ۾ جڏهن سويلينز جو ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ڪيو پئي ويو ته ان وقت هن ان جون فضيلتون بيان ڪيون، ان جا ڪلپس سوشل ميڊيا تي موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ?? هڪ ليگل پروسيس آهي، ملٽري ٽرائل ايڪٽ آف پارليامينٽ ۽ سپريم ڪ??رٽ جي ??ڪم تي ٿئي ٿو. ان ?? اهي سمورا حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن به فيئر ٽرائل ۾ حاصل هوندا آهن، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل متاثر نه ٿو ٿئي، ان ?? وڪيل ڪرڻ، فيملي ۽ رڪارڊ تائين پهچ ۽ اپيل جو حق ڏنو وڃي ٿو. اهو ٽرائل فزيڪل موجودگي کانسواءِ نه ٿو ٿي سگهي، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل جا سمورا عمل پورا ڪيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ملٽري ٽرائل ۾ اپيل جا به ٻه حق ڏنا وڃن ٿا، هڪ ملٽري ڪ??رٽ ۾ اپيل ۽ ٻيو لاڳاپيل هاءِ ڪ??رٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. اهي سمورا حق حاصل هوندا آهن. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جا ترجمان گلا ڦاڙي ڦاڙي چئي رهيا آهن ته اهو ظلم ۽ زيادتي آهي، جيڪڏهن اهو ظلم ۽ زيادتي آهي ته انهن جو ليڊر ماضي ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائلز جون فضيلتون ڇو بيان ڪندو رهيو ۽ ان کي ڇو سٺو چوندو رهيو ته اهو ٺيڪ آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان جي ??ندر ڪنهن قانون جي ??لاف ورزي ناهي ٿي، جن ماڻهن جو ٽرائل ٿيو آهي انهن جي ??لاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. تحريڪ انصاف ان معاملي کي بنا سبب جي ??ڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آ??ي. ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان سمورن عالمي قانونن جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانون جي ??ڪمراني ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح پڻ اهو درس ڏنو ته ملڪ جي ??ندر قانون جي ??ڪمراني جو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف قانون جي ??ڪمراني کي نه ٿي مڃي ۽ ان تي عمل نه ٿي ڪري ته اها بنا سبب جي ??ڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهي پنهنجي لاءِ رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا حاصل نه ٿي ٿي سگ??ي. ??ن چيو ته ملٽري ڪ??رٽ جا ٽرائل قانون موجب ٿيا آهن ۽ قانون موجب ئي اهي معاملا اڳتي وڌڻا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف ان معاملي تي سياست کان پاسو ڪري، انهن وٽ وڌيڪ قانوني فورمز ۽ اپيل جو حق موجود آهي، ان کي استعمال ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي ??نٽرنيشنل ڊيولپمينٽ پارٽنرز سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته ملٽري ٽرائل ۾ سمورن عالمي قانونن جون ضرورتون پوريون ڪيون ويون آهن، ان ?? ڪنهن به قسم جي ڪا خلاف ورزي ناهي ٿي، تحريڪ انتشار پاران ملڪ جي ??لاف بيانيو ٺاهيو پيو وڃي. 9 مئي تي انهن ماڻهن انتشار ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران انهن جا ماڻهو موجود هئا. هن چيو ته 9 مئي جي ڏوهارين کي قانون موجب سزا ملندي ۽ ان ?? رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل کي آبزرو ڪيو ويندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير باباءِ قوم جي ولادت جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جي ??وشين جي پڻ مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين قائداعظم جي ويزن موجب هن ملڪ جي ??دمت ڪئي آهي ۽ سدائين ڪوشش رهي آهي ته پاڪستان ترقي جي ??ستي تي گامزن ر??ي. ??ن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.
تحريڪ انتشار ملٽري ڪورٽس جي معاملي کي تڪراري بڻائي رهي آهي، ملٽري ڪورٽس تي سياست ڪندڙ اهو وساري رهيا آهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ملٽري ڪورٽس جون فضيلتون بيان ڪندو رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر