مڪو شريف – 13 جون (اي پي پي) مذهبي ??عاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدرات هيٺ هوپ (حج گروپ آرگنائزرز آف پاڪستان) سان مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مذهبي ??عاملن واري سيڪريٽري ذوالفقار حيدر، ڊي جي حج عبدالوهاب سومرو، ڊائريڪٽر مڪه فهيم خان آفريدي، جوائنٽ سيڪريٽري حج سجاد حيدر ي??درم شرڪت ڪئي. ترجمان مطابق اجلاس ۾ حافظ طاهر محمود اشرفي جي سربراهي ۾ پاڪستاني نجي حج ڪمپنين جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا. مذهبي ??عاملن واري وزير هدايت ڪئي ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي مشاعر ۾ سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. مجموعي طور تي پرائيويٽ حج ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي. نجي حج پانڌيئڙن سان دوکو ڪندڙ ڪمپنين سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مذهبي ??عاملن واري سيڪريٽري چيو ته نجي حج ٽور آپريٽرز طوافه ڪمپنين سان جامع م??اه??ا ڪن. هوپ نجي اسڪيم جي حاجين جي حقن جي تحفظ لاءِ ايڪشن ڪميٽي جوڙي. حج پانڌيئڙا منيٰ عرفا?? ۾ ??ڪايتن جي صورت ۾ نسڪ ايپ ۾ موجود سعودي ادارن سان رابطو ڪن. اجلاس ۾ نجي حج اسڪيم جي شڪايتن جي ازالي لاءِ مربوط سسٽم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي صدارت ۾ حج گروپ آرگنائزرز جو مشاورتي اجلاس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو