واشنگٽن-06 نومبر (اي پي پي) عا??مي خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي خلابازن آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ خلا مان ووٽ ڪاسٽ ڪري تاريخ لِکي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خلائي مسافر بچ ولمور ٽينيسي ٽيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڳالهائيندي خلا مان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تجربي جو ذڪر ڪيو. واضح رهي ته ناسا جا چار خلاباز هن وقت زمين جي مدار ۾ موجود عا??مي خلائي اسٽيشن تي رهندڙ آهن. جن چئني خلابازن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ايبسنٽي بيلٽ جي درخواست ڪئي هئي. اهو قدم خلابازن طرفان خلا ۾ قيام ??اوجود پنهنجي شهري فرضن جي ادائگيءَ سان وابستگيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. خلا مان ووٽنگ ناسا جي نيئر اسپيس نيٽ ورڪ ذريعي ممڪن بڻائي ويندي آهي، جيڪا خلائي اسٽيشن ۽ مشن ڪنٽرول وچ ۾ ٻي ڊيٽا ??ي ڏي وٺ وانگر آءِ ايس ايس کان زمين تي بيلٽ منتقل ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔