گڏيل قومون – 02 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن تنبيهه ڪئي آهي ته غزه ۾ اسپتالن ۽ پسگردائي ۾ اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ گهيراءُ هيٺ فلسطيني علائقي جي صحت جي نظام کي تباهي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس 12 آڪٽوبر 2023ع کان جون 2024ع وچ ۾ ٿيل حملن بابت رپورٽ ۾ چيو آهي ته عزه تي اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام کي ??بي سهولتن تائين پهچ تي سنگين اثر پيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو ت?? غزه ۾ صحت جي نظام جي تباهي ۽ انهن حملن ۾ مريضن، عملي ۽ ٻين شهرين جي فوتگين جو ايترو انگ بين الاقوامي انساني ۽ انساني حقن جي قانونن کي نظر انداز ڪرڻ جو سڌي ريت نتيجو آهي. رپورٽ ۾ 27 اسپتالن ۽ 12 ٻين ??بي مرڪزن تي 136 حملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جن ۾ ڊاڪٽرن، نرسن، ??بي عملي ۽ ٻين شهرين جو جاني ن??صان ٿيو. رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته انهن حملن شهري بنيادي ڍانچي کي جيڪڏهن مڪمل تباهه ناهي ڪيو ت?? ڪافي ن??صان پهچايو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو ت?? غزه ۾ اسرائيل جي مسلسل بمباري ۽ سنگين انساني صورتحال سبب واحد پناهگاهه جتي فسلطينين کي محفوظ محسوس ڪرڻ چاهيون پيا، حقيقت ۾ موت جو ڄار بڻجي وئي. ٻئي پاسي گڏيل قومن چيو آهي ته ان ٻن مهينن ۾ اتر غزه ۾ شهرين تائين امداد پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسرائيلي گهيراءُ سبب ڪا پهچ حاصل ناهي ٿي.
غزه ۾ اسپتالن تي اسرائيلي حملن سبب صحت جو نظام مڪمل تباهي جو شڪار ٿي ويو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی