لاهور – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ انتظامي چئلينجن مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺوس سڌارتي ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پرعزم آهي، نيڪ نيتي سا?? اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ ملڪ جو مڊل ڪلاس طبقو اسان جي سياست جو محور آهي، سعودي عرب پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ شامل ٿيندو، مينهون وڪرو ڪرڻ جو مقصد ڪو مالي فائدو نه پر سادگي مهم کي عوا?? تائين پهچائڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور جي مقامي هوٽل ۾ پنهنجي مان ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. فواد چوڌ??ي چيو ته ماڻهن وٽ دوا جا پئسا نه آهن ته اهڙي صورت ۾ وزيراعظم ڪيئن شاهاڻي انداز ۾ رهي سگهي ٿو. ملڪ جو غريب طبقو حڪومتي ڪارڪردگي مان مطمئن نه هو پر هاڻي اسان جي جدوجهد انهن جي لاءِ ئي آهي، اڳ ۾ وزيراعظم هائوس جو ماهوار خرچ هڪ ارب کان وڌيڪ هو جيڪو ها??ي ڪجهه لکن ۾ ٿيڻ لڳو آهي.
حڪومت ملڪ کي معاشي ۽ انتظامي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهي: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena