سيالڪوٽ – 05 ??پر??ل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اٽي ۽ کنڊ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪر?? جي ذميوارن جي رپورٽ عام ڪري هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪر?? جو واعدو پورو ڪيو آهي، وزيراعظم پنهنجي پارٽي کان خود احتسابي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، فرانزڪ آڊٽ ذريعي سموريون حقيقتون عوام ت??ئين پهچايون وينديون ۽ جيڪي ذميوار هوندا انهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي، شريف گروپ جي حقيقت به هن رپورٽ ظاهر ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ تي تنقيد کان اڳ شهباز شريف کي پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائڻ گهرجي، وزيراعظم پورهيتن جي لاءِ اربين رپي?? جو مثالي پئڪيج ڏنو، عالمي معاشي بحران جي ڪري پاڪستاني صنعتڪار به مشڪلات?? جو شڪار آهن، منافعي خوري ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن تي ڪڙيءَ نظر رکي ويندي. هو سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.
فردوس عاشق اعواڻ جي سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : ریل رش