اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ان عزم سان ملهائيندي ته باباءِ قوم جي فڪر ۽ مصور پاڪستان جي خوابن جي تعبير پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ قائداڻو ڪردار رکندڙ عظيم کان عظيم تر ملڪ بڻائينداسين، ڏينهن جي شروعات مسجدن ۾ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائن سان گڏ ڪي?? ويندو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهر ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي. سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن تي روشنيون ٻاريون و??نديون، گهرن تي پاڪستان جو سبز هلالي جهنڊا ڦرڪايا ويا آهن ۽ گهٽين ۽ بازارن کي سجاي?? ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ خوبصورت برقي روشنين ڊي چوڪ جي رونق وڌائي ڇڏي آهي. مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب ٿيندي جڏهن ته اهم حڪومتي شخصيتون گلن جون چادر چاڙهينديون. مختلف ادارن ۾ تقريبن ۾ ملي نغما ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان خاص روشني وڌي ويندي. اخبارن ۾ خاص ايڊيشن ۽ ٽيليويزن چينلز تي خصوصي نشريات ٿينديون. ان ڏينهن جي مناسبت سان صدر، وزيراعظم ۽ اهم حڪومتي ۽ سياسي قيادت جا خاص پيغام جاري ??يندا. ان ڏينهن ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي روح روان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي نشان پاڪستان ڏن?? ويندو. ان کانسواءِ به نمايان خدمتن تي عسڪري ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙن کي ايوارڊ ڏنا ويندا. جمعي جي نماز جي ميڙن ۾ پڻ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائون گهريون و??نديون. ڪشمير جي آزادي جي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون و??نديون.
قوم 74 هون آزادي جو ڏهاڙو اڄ جمعي ڏينهن ڀرپور عزم سان ملهائيندي
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis