اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪم??ٽي ٺاهي چڪو آهي?? جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪم??ٽي جو اجلاس ڪم??ٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪم??ٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي ??زير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪم??ٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائري ڪم??ٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪم??ٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏهن انڪوائري ڪم??ٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪم??ٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.
براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات