لاهور – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ ورتل قر??ن سبب ملڪ قر??ن ۾ ٻڏل رهيو، اسان کي پنهنجا خرچ گهٽ ۽ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ڇانگامانگا، چيچه وطني، ديپالپور، ڪنديان جا وڏا وڏا ٻيلا ختم ڪيا ويا، راوي ريور ۽ والٽن منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي س??ن ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قطر سان ايل اين جي جو نئون معاهدو ٿيو آهي جنهن سان هر سال 300 ملين ڊالر جي بچت ٿيندي ۽ انشاءُ الله ايندڙ 10 سالن ۾ 3 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ گذريل 3 سالن ک??ن ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته منصوبو پرڏيهي ناڻي ۾ اضافي جو سبب بڻجندو، پهرين فيز ۾ 1300 ارب روپين جي آمدني ٿيندي جنهن سان صوبائي، وفاقي حڪومت ۽ ريلوي جي روينيو ۾ به اضافو ٿيندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت کي 250 ارب روپين جي مد ۾ ٽيڪس حاصل ٿيندو. هن چيو ته جڏهن والٽن ايئرپورٽ ڊي نوٽيفائيڊ ٿيندو ته ان س??ن ڪمرشل ويليو جي مد ۾ 6 هزار ارب روپين جو فائدو ٿيندو، وزيراعظم چيو ته گذريل 10 سالن دوران ورتل قر??ن سان ملڪ قر??ن ۾ ٻڏي ويو، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ قوم جي حيثيت سان اسان کي پراڻي سوچ کي بدلائڻو پوندو، جڏهن ملڪ تي مشڪل وقت ايندو آهي ته ان مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ پراڻي ۽ فرسوده روايتن کي تبديل ڪرڻ پوندو آهي. هن وقت ملڪ کي جيڪي ٻه وڏيون مشڪلاتون درپيش آهن انهن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو قر??ن ج?? بار آهي، گذريل 10 سالن دوران انڌير نگري ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي قر?? ورتا ويا جنهن جي ڪري اڄ اسان کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،
راوي ريور ۽ والٽن منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر