اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، حڪومتي سڌارن جي نتيجي ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي 108 کان 136 تائين پهچي وئ?? آهي، ڪاروباري شعبي کي ع??لمي سوچ اختيار ڪرڻ ۽ منڊين ۾ تبديل ٿيندڙ رجحانن کان باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن (اي او) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ڪاروباري برادري خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڏين ۽ ڪاروباري صلاحيتون وڌائين، خصوصي ماڻهن کي عمارتن ۽ ڪم جي جاين تائين آسان پهچ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حڪومت واپاري برادري کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ره?? آهي، پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي ??ازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺاهي وئ?? آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪاروباري برادري ويليو ايڊيشن جي ذريعي ملڪي روانگي واپار وڌائڻ ۽ عالمي منڊين تائين پهچ وڌائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن جي وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪاروباري ۽ سيڙپڪاري دوست پاليسين کي ساراهيو. وفد جي ميمبرن چيو ته انٽر پرينيورز آرگنائيزيشن ملڪ جي معاشي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري ره?? آهي. صدر وفد کي ا??هن جا مسئلا ۽ شڪايتون لاڳاپيل ڌرين تائين پهچائڻ جي خاطري ڪرائي.
حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو بنيادي محور ملڪ جو روانگي واپار وڌائڻ، واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن جي مدد ڪرڻ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania