اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چي??رمين محمد صادق سنجراڻي متحده عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ جي چي??رمين چيو ته متحده عرب امارات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي م??زل??ن طئي ڪ??ون آ??ن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ويزن آ??ي. پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي واري تعاون تي ٻ??ل آهن. ڀائيچاري ۽ اعتماد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چي??رمين چيو ته عالمي فورمن تي مثالي تعاون پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ اعتماد ۽ احترام کي ظاهر ڪري ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستي وقت جي هر امتحان تي پوري لٿي، متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده عرب امارات دوستي زنده باد.
سينيٽ چيئرمين پاران متحده عرب امارات جي 50 هين سالگرهه تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا