جڪارتا-08 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا اسرائيلي فوج جي ترجمان جي انهن بيانن جي ترديد ڪئي آه?? ته جن ۾ چي?? ويو هو ته غزه ۾ انڊونيشيا جي مالي مدد سان تيار ٿيندڙ هڪ اسپتال جي هيٺان حماس جون سرنگهون آهن ۽ هي راڪيٽ حملن لاءِ هڪ پليٽ فارم سان جڙيل آهن. سعودي خابرو ادار?? موجب اتر غزه جي پٽي ۾ واقعي هي اسپتال انڊونيشيا جي فنڊزن ٺاهيو ويو هو، انڊونيشا جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چي?? ته غزه ۾ انڊونيشي اسپتال هڪ اهڙي سهولت آهي جيڪا اسان جي عوام انساني همدردي تحت غزه ۾ فلسطيني عوام جي طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اقبال محمد چي?? ته غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن ج?? موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙ آهي، اسپتال کي هلائڻ واري تنظيم (ايم اي آر – سي) ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آه?? ته اسپتال حماس جي استعمال هيٺ هئي، هي بيان اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري جي اعلان کانپوءِ هڪ ڏينهن بعد ۾ سامهون آيو جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئ?? ته اسپتال هڪ اهڙي جڳهه تي ٺاهيوويو آهي جيڪو حماس جي سرنگهن جي نيٽ ورڪ کي لڪائي ٿو، هن چي?? هو ته حماس اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ لاءِ ويجهي جڳهه کي اڏي طور استعمال ڪري رهي آهي.
غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙو آهي: انڊونيشيا
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں