واشنگٽن -16 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي صدر ڊو??لڊ ٽرمپ تي ٻيهر قاتلاڻي حملي کان پوءِ صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي ڊو??لڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا ٻڌايو ته آمريڪي صدر جوبائيڊن آمريڪي ڳجهي سروس کي هدايت ڪئي آهي ته اها ريپبلڪن ??مريڪي صدارتي اميدوار ڊو??لڊ ٽرمپ جي مسلسل حفاظت کي ي??يني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪري. صدر جوبائيڊن چيو ته جيئن ته مون ڪيترائي ڀيرا چيو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ سياسي يا ڪنهن به قسم جي تشدد لاءِ ڪا به جڳهه ناهي ۽ مان پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته اها ان ڳالهه کي ي??يني بڻائي ته سيڪريٽ سروس وٽ سمورا اهي وسيلا، صلاحيتون ۽ حفاظتي قدم موجود آهن جيڪي ڊو??لڊ ٽرمپ جي حفاظت کي ي??يني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڊو??لڊ ٽرمپ کي پيش آيل واقعن جا وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. مون کي منهنجي ٽيم ان بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن. ان کان پهرين ايف بي آءِ چيو هو ته هو ڊو??لڊ ٽرمپ جي ويجهو ٿيندڙ فائرنگ جي جاچ ڪري رهي آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڊونلڊ ٽرمپ جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ