اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د نواز شريف واپڊا کي بجلي جي پيداوار ۾ اضافي ۽ ٻوڏن کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ آبي ذخيرن جي تعمير تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ واپڊا جي چيئرمين ظفر محمود سان ملاقات ۾ هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ترقياتي منصوبن تي ڪم کي تيز ڪ??و وڃي ۽ پن بجلي جي وڌ??ڪ پيداوار جي امڪانن کي وڌيڪ ڳوليو وڃي، وزيراعظم چيو ته واپڊا کي ملڪ ۾ پاڻي ۽ پن بجلي جي وسيلن جي ترقي لاءِ سگهه سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد سستي ۽ مناسب بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ وقتن ۾ خاص طور تي شديد آبي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي کوٽ جي مسئلن ک?? ختم ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ