راولپنڊي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ??يو آهي ته برداشت ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جو پيغام ڏيڻ جي لاءِ عطين جي رقم انسانيت سان لڳاءُ رکڻ ۽ شاگردن جي تعليم تي خرچ ڪئي وڃي جنهن سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو پرامن بڻجي ويندو، اهڙن عنصرن کي عطيو نه ڏنو وڃي، جيڪي معاشري ۾ منافقت، انتهاپسندي ۽ دهش??گر??ي کي هٿي وٺرائين. عالمي عطين جي ڏهاڙي جي موقعي تي الشفا آئي ٽرسٽ ج?? اهتمام هيٺ هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير سرندي وارن ۽ ڊونرز کي ??يو ته اهڙين تنظيمن جي مدد نه ڪئي وڃي جيڪي ماڻهو خاص طور تي نوجوانن کي نفرتن جي نظرين سان گڏ دهش??گر??ي ۽ انتهاپسندي طرف راغب ڪري رهيا آهن. هن ??يو ته اکين جي علاج جي لاءِ الشفا آئي ٽرسٽ اسپتال جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن جتي غريبن کي مفت علاج فراهم ڪيو وڃي ٿو.
عطين جي رقم انسانيت جي ڀلائي تي خرچ ڪئي وڃي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا