ڪٽاس راج – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن ک?? معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان ک?? عالمي سطح تي اقليت دوست ملڪ جي طور تي سڃاتو ويندو. هو ڪٽاس راج جي دوري جي موقعي تي واٽر فلٽريشن پ??انٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو سمورن پاڪستانين جو وزيراعظم آهي ۽ اهو سندس مذهبي فرض آهي ته هو ملڪ جي هر شهري جو بنا ڪنهن فرق جي خيال رکي. هن چيو ته آثار قديمه جي حوالي سان ڪٽاس راج کي وڏي اهيمت حاصل آهي جيڪو 4 تهذ??بن جو سن??م آهي، اڄ جو ميڙ پوري دنيا کي پيغام ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن ک?? برابر جو شهري سمجهيو ۽ مڃيو وڃي ٿو.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔