اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ??منون حسين چيو آه?? ته فاٽا ۾ اجتماعي ذميداري جو قانون ظلم آه??، فاٽا سڌارن جي ذريعي ان جو خاتمو ڪيو ويندو، هن اها ڳالهه ڏکڻ وزيرستان جي صلاحڪارن سان ملاقات دوران چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ??ئي. ان موقعي تي سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. صدر ??منون حسين چيو ته ايف سي آر کي ختم ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي دائر اختيار کي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏيڻ لاءِ فاٽا سڌارا ڪميٽي وڏيون اهم تجويزون ڏنيون آه?? ان بابت هڪ نئون قانون قبائلي علائقن کي ڏنو وڃي جيڪو قبائلي ثقافت ۽ رواج جي نه رڳو پاسداري ڪندو پر اجتماعي ذميداري جهڙي ظالماڻي قانون کي ختم ڪرڻ ۾ موثر ثابت ٿيندو
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن