اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو ضامن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? چين جي انفارميشن آفيس آف دي اسٽيٽ ڪائونسل جي ڊائريڪٽر (منسٽر) جيانگ زيانگو سان ملاقات ۾ چئي جنهن ساڻس هڪ اعليٰ سط??ي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مثالي دوستاڻا لا??اپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي ان لاءِ پورا لهن ٿا ڇو ته اهي لا??اپا گڏيل اعتماد، گهري ڀائيچاري، محبت ۽ عزت تي ٻڌل آهن. مملڪتي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ڀائيچاري ۽ هڪ ٻئي سان جذباتي وابستگي جهڙن رشتن ۾ ڳنڍيل آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا