اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د نواز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته بجلي جي گهرج ۽ په?? جي حوالي سان فعال منصوبابندي استعمال ۾ آندي وڃي، توانائي ??ي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي رمضان المبارڪ جي دوران ترقياتي ڪمن ??ي بنياد تي بجلي بند نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايل اين جي تي ٻڌل 1200 ميگاواٽ جي نئين بجلي گهر جي قيام ج?? منطوري ڏني آهي. ڪابينا ڪميٽي جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم مح??د نواز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري ڪميٽي کي گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي ??ي باري ۾ به آگاهه ڪيو جنهن ۾ ناڻي، پاڻي ۽ بجلي ۽ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارتن ??ي بين الوزارتي ڪميٽي جي ڪم، سيپٽمبر 2018ع تائين بجلي جي گهرج ۽ په?? جو جائزو ۽ غير فعال بجلي گهرن جو استعمال شامل آهن
مضمون کا ماخذ : loteria estadual