حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، ??شر??ات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتدار جي نه پر سدائين قدرن جي سياست ڪئي آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، توانائي بحران مان ڪڍيو. هو حافظ آباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عه??يدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت واري وفاقي وز??ر سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عه??يدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب