گلگت – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ض??ورت آهي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان 16 هزار 500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گلگت بلتستان ۾ زراعت جي شعبي کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت جي دوري دوران نگران وڏي وزير مير افضل پاران مجموعي صورتحال تي ڏني وي??دڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. صدر ??يو ته گلگت بلتستان جو صوبو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آ??ي، حڪومت علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ض??ورت آهي، گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ ڏورانهن علائقن تائين صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون. صدر ??اڪٽر عارف علوي کي ان موقعي تي ديامير ڀاشا ڊيم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.
حڪومت گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج