اسلام آباد – 15 فيب??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ه??رم??دي جي تعليم جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليم واري وزارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوور??ا وبا دور??ن فاصلاتي تعليم جي حوالي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا ويندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا