اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏيندا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي خطبو ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ڪائو??سل کي درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح رهي ته ايوان صدر جي جامع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائو??سل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عباد?? سان گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتري ۽ حسن ا??لاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ ر??مي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ا??ان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.
عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏيندا: صدر
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste