اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پو??دو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حو??لي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي ??ربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي حو??لي سان مختلف پروگرامن تي بريفنگ ??ني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پو??دو. هن چيو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضرورتن موجب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پو??دو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنرمند بڻائڻو پو??دو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ رابطا ضروري آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : quina acumulada