اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 90 لک اوورسيز ??اڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪندا آهن، اوورسيز ??اڪستانيز اسان جو اثاثو آهن، اوورسيز ??اڪستانيز ساليانو 30 ارب ڊالر پاڪستا?? موڪلي رهيا آهن، مريم صفدر اليڪشن ??مي??ن اچي ثابت ڪري ڇڏيو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي، پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، اليڪشن ??مي??ن کي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ??مي??ن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اوورسيز ??اڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر موڪلي رهيا آهن، ن ليگ دور ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 18 ارب ڊالر هو، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪئي آهي، اسان جا پيڊ ميمبر ساليانو جي بنياد تي ميمبرشپ ادا ڪندا آهن، اسان کي فارن فنڊنگ ڪندڙ ماڻهو اڄ منهنجي چوڌاري بيٺل آهن، اسان کي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺڻ جا طعنا ڏيندڙ ڏسي وٺن ته اسان کي ڪهڙا ڪهڙا پاڪستاني فنڊنگ ڏيندا آهن، مريم، بلاول، زرداري، شهباز شريف سميت ڪنهن کي انهن فارن فنڊنگ ڪندڙن سان ملڻو آهي ته اچي وڃن، مملڪتي وزير چيو ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، ثابت ٿي ويو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، اڄ مريم صفدر پاڻ، اڪبر ايس بابر جي ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ??مي??ن آيل آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، فرخ حبيب چيو ته مريم ٻڌائي ته 65 ڪروڙ ڪٿان آيا، مئل ماڻهن جا اڪائونٽس 2017ع تائين ڪير هلائيندو رهيو، گذريل ٽن مهينن کان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال تي هڪ اجلاس نه ٿي سگهيو، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، پيپلزپارٽي پ??هنجي 12 ڳجهن اڪائونٽن جي باري ۾ ٻڌائي، فضل الرحمان ڪير ٿيندو آهي جيڪو ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪري، فضل الرحمان ليبيا کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي مارڪ سيگل کي يو ايس اي ۾ ڇو ادائيگيون ڪندي رهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ڪي ۽ آمريڪا ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ??مي??ن کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري فعال ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پ??هنجي رپورٽ مڪمل ڪري، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر، فضل الرحمان، زرداري پ??هنجي پارٽين جا کاتا کڻي اچن.
90 لک اوورسيز پاڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪن ٿا: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن