اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪ فضائيه ج?? سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي خاص هدايتن تي پي اي ايف بيسز ۽ ريجنل ڪمانڊر رليف ۽ بحالي جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهي آهي. پاڪ فضائيه ج?? اهلڪار ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، رهائش، صاف پاڻي ۽ طبي امداد جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڪو??ان آهي. خاص طور تي پاڪ فضائيه ج??ن ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سول انتظاميه سان گڏجي سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڊينگي بخار کان بچاءُ جي مهم ۾ پيش پيش آهن. پاڪ فضائيه ج?? ترجمان مطابق پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن لاءِ 4853 خيما، 416221 ??وڊ پيڪيجز، 3203.67 ٽن راشن ۽ 242824 ليٽر صاف پاڻي فراهم ڪيو آهي. پاڪ فضائيه 257 اُڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1521 ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان