صحبت پور – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بل??چستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبتپ??ر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ?? ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چيو ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان گڏ ??ئي?? اسڪول ?? ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي بل??چستان جي چيف سيڪريٽري صحبت پ??ر ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش