اسلام آ??اد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ۽ فرانسيسي عوام کي سندن قومي ڏينهن جي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، اهو ڏينهن فرانسيسي عوام جي انقلابي جدوجهد جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ آزادي، ??رابري ۽ ڀائيچاري جي هڪ نئين دور جي شرواعت ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستاني گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيا هئا، ان ۾ صدر مارڪن ۽ ان جي حڪومت فوري مدد سان اڳتي آئي، ??نيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس دوران فرانس پاران موسمياتي تبديلين جي وڪالت ۽ پاڪستان جي ح??ايت پڻ ايتري ئي ساراهه جوڳي هئي. پاڪستان جمهوريه فرانس سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores