اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وف?? ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽ??ڪنالاجي وارو وف??قي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽ??سوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وف??قي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وف??قي وزير سردار اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وزيراعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد وزيراعظم کي ڪراچي ۾ وف??قي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ?? ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده جي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاش?? ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج