اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس آن لائين ف??رم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ اطلا??ات واري وفاقي وزير صحافين جي جو آن لائين رجسٽريشن ف??رم جاري ڪيو، جيڪو اطلا??ات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. صحافي آن لائين هيلٿ انشورنس ف??رم ذريعي پنهنجي رجسٽريشن ڪري سگهندا. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت صحافي به موجود هئا. صحافين کي صحت جي اها سهولت پرائيم منسٽر هيلٿ انشورنس اسڪيم ميڊيا ورڪرز ا??نڊ جرنلسٽس 2023ع تحت ڏني پئي وڃي. جنهن جي لاءِ حڪومت وفاقي بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جي وڏي رقم رکي آهي. ان اسڪيم سان سڄي ملڪ جا صحافي لاڀ پرائي سگهندا. ان جي لاءِ پريس ڪلب ڪارڪن هجڻ لازمي نه آهي، آن لائين رجسٽريشن ف??رم جاري ڪرڻ کي مڪمل بڻائڻ تي اطلا??ات واري وفاقي وزير اطلا??ات واري سيڪريٽري سهيل علي خان، پي آءِ او مبشر حسن ۽ اطلا??ات واري وزارت جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني.
مريم اورنگزيب پاران ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس آن لائين فارم جاري
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II