نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ازبڪست??ن جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ڌرين سي??سي?? واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي ??عا??ن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻطرفي ??عا??ن جي وڌندڙ سطح تي اطمين??ن جو اظهار ڪندي ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو ٽي ٽي اي) کي فعال ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ٽرانزٽ کي فروغ ملندو. ٻنهي ڌرين علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار اداڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پاڪست??ن جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به چيو ته علائقائي رابطن، واپار ۽ اقتصادي انضمام جو افغانستان تي به مستحڪم اثر پوندو. هن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا