اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن ۾ دير جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ??ه اليڪشن ڪميشن ذميواري سان پنهنجي چونڊ عم?? کي يقيني بڻائي رهي ??هي، چونڊن جي حتمي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي، اليڪشن ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، نواز شريف سينيئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي، هر هڪ کي اظ??ار را??ِ جي آزادي حاصل آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي، نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن نجي ٽي وي چينلز ”آج نيوز“ ۽ ”سنو نيوز“ جي پروگرامن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت پٽيشن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت کانپوءِ پنهنجو موقف سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندي جڏهن ته حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جو هوندو. هن چيو ته صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي. هن چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت قائم ٿي آهي، اسان جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، اسان آئين ۽ قانون تي عم??درآمد جا پابند آهيون. هن چيو ته ڪنهن جي بيگناهي ۽ سزا جو فيصلو عدليه کي ڪرڻو آهي ??ڏهن ته آئين موجب هر شخص کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. هن چيو ته شڪايت ۽ تنقيد ڪرڻ جمهوريت جو حسن آهي، ڪنهن کي ان حق کان محروم نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته نواز شريف سينيئر سياستدان آهي، هو پنهنجي ملڪ واپس اچي رهيو آهي. اسان جي ذميواري آهي ??ه اسان امن امان کي قائم رکون، ڪنهن به قسم جي بدانتظامي يا سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ دير جو تاثر صحيح نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪري رهي ??هي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ڪرائڻ جو چيو آهي ??ڏهن ته حتمي تاريخ طئي ٿيڻ باقي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڏنل شيڊيول عم?? ڪري رهي ??هي، سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته هر سياسي پارٽي جو پنهنجو هڪ موقف هوندو آهي، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ اظ??ار را??ِ جي آزادي آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ڪو اڳواڻ ڪابينا ۾ موجود نه آهي. هن چيو ته چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي جڏهن ته ان کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جا وسيلا فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. نجڪاري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت نجڪاري جي حوالي سان پنهنجي طور تي ڪنهن اداري جي چونڊ ناهي ڪئي، گذريل حڪومت ۽ پارليامينٽ پاران منظور ٿيل فهرست موجب نجڪاري تي عم??درآمد ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته نجڪاري وارو نگران وفاقي وزير ان حوالي سان شاندار انتظامي تجربو رکي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياستي ميڊيا سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏئي رهي ??هي، پي ٽي وي تي سمورين پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ملي رهي ??هي.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير پاران چونڊن ۾ دير جو تاثر رد، اليڪشن ڪميشن ذميواري سان پنهنجي چونڊ عمل کي يقيني بڻائي رهي آهي، چونڊن جي حتمي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha