ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت خوراڪ جي تحفظ، زراعت، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي ??يڙ??ڪاري ج?? 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ ڪويت جي فرسٽ ڊپٽي وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال الخالد الاحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪويت پا??ان پاڪستان جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، پن بجلي، پيئڻ جي صاف ??اڻ?? جي فراهمي ۽ کاڻين جي کوٽائي ج?? سرگرمين ۾ تعاون جي لاءِ کاڻين جي کوٽا فنڊ قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي ??يڙ??ڪاري ج?? 7 معاهدن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي ج?? سعبن ۾ تعاون جي لاءِ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪويت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگ??ان وزيراعظم ڪويت سان انهن معاهدن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جيڪي خصوصي ??يڙ??ڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان ملڪ جي لاءِ سامهون اچي رهيون آهن. نگ??ان وزيراعظم ڪويت جي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
پاڪستان ۽ ڪويت پاران اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : بونانزا