ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته ملڪ جي مع??شت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو ??هي، اهڙي معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جا ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي، وفاقي حڪومت مع??شت جي بهتري لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسٽاڪ ??يڪسچينج ۾ ملڪي معاشي ترقي ۽ اقتصادي لچڪ بابت منعقد تقريب کي خط??ب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ ناڻي واري وزارت، اسٽاڪ مارڪيٽ، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جا ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ??ه ملڪي مع??شت ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جو اهم ڪردار آهي. نگران وزيراعظم چيو ??ه حڪومتي سيڪيورٽيز آڪشنز، سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ، قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ۽ شفافيت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسٽاڪ ??يڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪارن پاران حڪومتي اجاره سڪوڪ جي پهرين پرائمري آڪشن ۾ شرڪت جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ??ه ريٽيل سيڙپڪارن جي خاص طور تي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اسٽاڪ ??روڪر ايسوسيئيشن، ايس اي سي پي ۽ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي پرائمري مارڪيٽ آڪشن کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وزيراعظم چيو ??ه اسٽاف مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سر??رمين جي فروغ ۾ مدد ملي ٿي. ترقي ۽ خوشحالي طرف اڳتي وڌڻ جا موقعا ملن ٿا. هلندڙ سال اسان جي مع??شت کي مختلف چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ حڪومت ڍانچاجاتي ۽ مائيڪرو اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا. ان سلسلي ۾ مع??شت کي ٻيهر پنهنجي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي تعاون کي ساراهيون ٿا جنهن سان ڊالر جي قدر کي هيٺ آڻڻ ۾ مدد ملي آهي جيڪو 5 سيپٽمبر 2023ع تي 207 رپين تائين پهچي ويو هو ۽ اڄ اهو انٽر بئنڪ ۾ 284 رپين جي لڳ ڀڳ آهي، ان سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي ٿي آهي. نگران وزيراعظم چيو ??ه حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو ??هي. هن چيو ??ه حڪومت جي انهن مثبت قدمن سان ملڪ ۾ سازگار ڪاروباري سر??رمين جي لاءِ ماحول پيدا ٿيو ??هي. ملڪي مع??شت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي جيڪو هن وقت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. نگران وزيراعظم چيو ??ه وفاقي حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي ۽ مع??شت جي بهتري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي فروغ جي لاءِ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي رهندي. اسان کي جدت جي فروغ، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۾ بهتري آڻڻ ۽ شفافيت جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن ته جيئن اهو بنياد مستحڪم رهي جنهن تي اسان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ بيٺل آهي. نگران وزيراعطم چيو ??ه اسان اهڙي معاشي استحڪام جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون جنهن جي ثمرن مان هر طبقو فائدو کڻي. بعد ۾ نگران وزيراعظم رسمي گهنٽي وڄائي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سر??رمين جي شروعات ڪئي. تقريب کي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر پڻ خط??ب ڪيو.
معيشت جي بهتر صورتحال جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ بائي معاهدي سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان