اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيز تر انصاف جي ??راهمي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان جي ??هچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ ان م??صد جي ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر وفاقي محتسب جي آفيس جو دورو ڪيو. ان م??قعي تي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي صدر کي محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب صدر کي ٻڌايو ويو ته محتسب سال 2023ع ۾ 193028 شڪايتن جو ازالو ڪيو جڏهن ته متاثرين کي 4.898 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو. وفاقي محتسب 2023ع دوران رڪارڊ 194099 شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي، شڪايت تي ڪارروائي ۾ 18 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، 2022ع جي ڀيٽ ۾ شڪايت?? جي ازالي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته محتسب جي سفارشن تي 18 هزار اسٽريٽ چلڊر?? جي اسلام آباد جي اسڪولن ۾ داخلا ٿي، محتسب جي 85.4 سيڪڙو فيصلن تي گذريل سال عملدرآمد ٿيو جڏهن ته ان شرح کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن. ان کانسواءِ محتسب ۾ ٽيڪنالاجي جي ??ڌيڪ استعمال سان ماڻهن جي ??هچ ۾ اضافو ٿيو، 2023ع ۾ 48190 شڪايتون آن لائين رجسٽرڊ ٿيون جن ۾ 47 سيڪڙو اضافو ٿيو. 2023ع ۾ محتسب جي ??وبائيل ايپ تان 22321 شڪايتون م??يو?? جيڪو 21 سيڪڙو اضافو ظاهر ڪري ٿو. وڌيڪ اهو ته سرڪاري ادار?? جي خلاف ماڻه?? جي شڪايت?? جي ازالي جي ??اءِ کلي ڪچهريون م??عقد ڪيون ويون ۽ محتسب جي ??يمن دورا ڪيا. بريفنگ موجب تڪرار?? جي غيررسمي حل جي ذريعي 2113 معاملن کي اڪلايو ويو، اوورسيز پاڪستاني?? جي سهولت ۽ شڪايت?? جي حل لاءِ پڻ قدم کنيا ويا. محتسب پاران شروع ڪيل آگاهي مهم سان محتسب تائين پهچ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ صدر تيز تر انصاف جي ??راهمي ۾ محتسب جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وفاقي محتسب گڊ گورننس کي فروغ ڏيڻ ۽ ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته وقت سر انصاف جي ??راهمي ۾ محتسب جي ڪردار بابت ماڻهن ۾ شعور وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي محتسب جي ??هچ کي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان محتسب تائين ماڻهن جي ??هچ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.
محتسب جو دائرو ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ ۽ ان مقصد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ