اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪس??ان?? عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف مشن جي پاڪس??ان جي دوري جي تڪميل تي مشن جي چيف نٿن پورٽر طرف??ن جاري ٿيل بيان ۾ چئي وئي آهي. آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ م??ن جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان?? عملدارن جي درخواست تي عالمي مالياتي فنڊ جي ٽيم 13 مئي کان وٺي 23 مئي تائين پاڪس??ان جو دورو ڪيو، وفد جي قيات نٿن پورٽر ڪئي. ان دوري جو بنيادي مقصد پاڪس??ان جي اندروني اقتصادي پروگرام جي منصوبن ۽ انهن منصوبن لاءِ آءِ ايم ايف جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي مدد تي ڳالهيون ڪرڻ هو. بيان موجب 2023ع ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب تڪميل ذريعي حاصل ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي عالمي مالياتي فنڊ ۽پاڪس??ان?? عملدارن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن جي پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدو ۽ توسيع فنڊ سهولت ذريعي مدد تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪس??ان جي سڌارن واري پروگرام جو مقصد ملڪ کي معاشي استحڪام سان مضبوط، جامع ۽ جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪس??ان?? انساني سرمائي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي موزونيت لاءِ خرچن کي وڌائڻ ۽ منصفاڻي ٽيڪس ذريعي ملڪي محصولن ۾ اضافو ۽ عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو رکون ٿا. پاڪس??ان جي حڪومت توانائي جي شعبي جي پائيداري، توانائي جي بلند قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارن، ناڻي ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي ذريعي گهٽ ۽ مستحڪم ناڻي واڌ طرف اڳڀرائي جاري رکڻ، رياستي ملڪيتي ڪاروبار جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو به ارادو رکون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪس??ان جا عملدار ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪس??ان جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيداري طرف سڌارن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل مالي مدد تي ۽ ٻين معاملن تي پاليسي ڳالهيون جاري رکندا ته جيئن انهن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. آءِ ايم ايف جي ٽيم مشن جي دوري دوران نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ مهمانوازي تي پاڪس??ان?? عملدارن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جو ٿورو پڻ مڃيو.
پاڪستان سان جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ