اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي ??ي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن، اسان ترقياتي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، 2035ع تا??ين پاڪستان کي ه?? ارب ??ال??ن جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي ايس ڊي پي 24-2023ع جي سالياني جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ احسن اقبال چيو ته موجوده معاشي حالتن ۾ ترقياتي بجيٽ بڻائڻ وڏو چئلينج هو، ترقياتي بجيٽ جي استعمال ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن، ڪنهن جي نااهلي جو نتيجو معاشي بحران جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون، هن چيو ته 2013ع ۾ ترقياتي بجيٽ رڳو 340 ارب روپين تا??ين محدود هو، اسان 2018ع تا??ين ان کي ه?? هزار ارب روپين تا??ين پهچايو. 2018ع ۾ نالي ماتر تبديلي مڙهي نه وڃي ها ته اڄ اها ترقياتي بجيٽ 3 هزار ارب روپ??ين تا??ين پهچي چڪي هجي ها. اڄ 2024ع ۾ مشڪل سان 1100 ارب جي ترقياتي بجيٽ تي پهتا آهيون. 1100 ارب روپين جو بجيٽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان کي ترقياتي منصوبن تي ڪيتري قدر سمجهوتو ڪرڻو پيو. هن چيو ته ظلم اهو آهي ته 2018ع ۾ ترقياتي بجيٽ جو 12 سيڪڙو هو اڄ گهٽجي چار سيڪڙو تا??ين اچي ويو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاليسي جو تسلسل هجي ها ته اڄ ترقياتي بجيٽ 15 سيڪڙو تا??ين پهچي چڪو هجي ها. وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته هو ترقياتي بجيٽ جو مطالبو يا منصوبو ٺاهيندي وقت قومي ترجيحن جو خيال رکن.وفاقي وزير چيو ته اسان ترقياتي بجيٽ جي غلط استعمال جي سٽ نٿا سهي سگهون، ترقياتي بجيٽ جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ترجيحن جو ن??ين سري سان تعين ڪرڻو پوندو. اڄ بجيٽ، سبسڊيز، پگهارن ۽ پينشن سميت ڪيترائي معاملا قرضن ذريعي هلايا پيا وڃن. هن چيو ته 2035ع تا??ين پاڪستان کي ه?? ارب ??ال?? جي معيشت بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. اسان کي قرضن بدران ملڪي وسيلن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو. حڪومتي آمدني وڌائڻ ۽ خرچن ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته اهڙن منصوبن جي شروعات ئي نه ڪئي وڃي جنهن جو عوام جي زندگين تي ڪو به اثر نه هجي.
پاڪستان کي بي شمار معاشي چئلينجز درپيش آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ