اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي، ته يوٽيلي??ي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ جو ڪو به منصوبو غو?? هيٺ ناهي، يوٽيلي??ي اسٽورز ڪارپوريشن جي نئين سر جوڙجڪ جي مختلف آپشنز تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن يوٽيلي??ي اسٽورز ڪارپوريشن جي وفد سان م??اقات دوران ڪيو. يوٽيلي??ي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شفافيت آڻڻ لاءِ سبسڊي جو نئون طريقيڪار واضح ڪيو پيو وڃي. يو ايس سي بند ڪرڻ لاءِ حڪومت ??رفان ڪو به هڪ طرفو قدم نه کنيو ويندو. هن چيو ته سمورا فيصلا ملازمن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ??ين??ا ۽ سرڪاري ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد