اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پا??ستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي ??ي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ اداري جي موجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز ڏني آهي. ڪميٽي تعليمي مقصدن ??ي لاءِ مخصوص چينل قائم ڪرڻ جي پڻ ??جويز پيش ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين پولين بلوچ جي صدارت ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي وي بابت ايجنڊا ۽ ??يڊ??ا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. ڪميٽي پي ٽي وي کي فيملي چينل جو تشخص برقرار رکڻ ۽ ان کي موجوده رجحانن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪميٽي چيو ته پي ٽي وي وٽ انساني وسيلن جي بي پناهه صلاحيت ۽ جديد ترين انفراسٽرڪچر موجود آهي جنهن کي ان جي اڳوڻي حيثيت ٻيهر حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ڪميٽي هڪ تعليمي چينل جي تجويز پڻ ڏني ڇو ته ڪوويڊ 19 دوران پي ٽي وي جي ذريعي تعليم فراهم ڪرڻ جو تجربو ڪامياب ثابت ٿيو هو. ڪميٽي پيمرا ۽ پي آءِ ڊي کي هدايت ڪئي ته اهي ??يڊ??ا ورڪرز جي پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي تي پنهنجون ڪوششون جاري رکن. پي ٽي وي ۽ پي بي سي جي مستقل سربراهن جي مقرري جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳوڻي اجلاس جي سفارش?? تي عملدرآمد بابت آگاهه ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ٻڌايو ته ٻنهي ادارن جي بورڊز جي نئين سر جوڙجڪ جو عمل جاري آهي ۽ اميد آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو. پي بي سي جي مستقل ڊائريڪٽر جنرل ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري بورڊ جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته معاشري جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٻنهي ادارن جي بورڊز ۾ شامل ڪرڻ ??ي لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. پي ٽي وي جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ۾ موجوده انساني وسيلن، مالياتي صورتحال، مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي ۽ پيداواري سرگرمين بابت جامع پريزنٽيشن ڏني. هن ٻڌايو ته سرڪاري نشرياتي اداري کي جديد رخ?? تي قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ڏسندي موجوده حڪومت قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ نجي شعبي مان اينڪرز جي شموليت، جديد اوزارن ۾ سيڙپڪاري، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي ترقي کانسواءِ مواد جي جدت شامل آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ مالياتي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ چٽاڀيٽي اگه?? تي اشتهارن ??ي لاءِ موجوده مالياتي حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ، بجيٽ ڪنٽرول قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آپريشنل لاڳت ۾ گهٽتائي شامل آهي. هيومن ريسورس جي اصلاح جي حوالي سان مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي ملازمن کي جديد نشرياتي ٽيڪنالاجي، مواد جي تخليق ۽ انتظام جي تربيت فراهم ڪئي ويندي ته جيئن جدت کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ باصلاحيت تخليقي نوجوان ٽيلينٽ کي سامهون آڻي سگهجي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن پي ٽي وي کي پنهنجي ناظرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ??ي لاءِ موجوده دور جي گهرجن موجب تبديلي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ پي ٽي وي جي حالات حاضره جي پروگرامن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي گهرائڻ تي پڻ ??ور ڏنو. ڪميٽي ميمبرن پي ٽي وي ۾ پروڊڪشن سهولتن جي بحالي تي زور ڏنو جنهن کي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو هو. هن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪرڻ ??ي لاءِ سرڪاري ??يڊ??ا ادارن جا وسيلا گڏ ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. ڪميٽي سمورين پي ٽي وي اسٽيشن?? تي عملي، انفراسٽرڪچر ۽ گاڏين جي تفصيل کانسواءِ نجي شعبي مان ڀرتي ڪيل اينڪرز کي ملندڙ پئڪيجز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ اداري جي مارڪيٽنگ جي حڪمت عملي بابت جامع پريزنٽيشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن محمد حنيف عباسي، ڪرن عمران ڊار، مهتاب اڪبر راشدي، شرميلا فاروقي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد مقداد علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري، پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، پرنسپل انفارميشن آفيسر پي آءِ ڊي، ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پا??ستان، پيمرا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران پاڪستان ٽيليويزن جي ماضي ۾ سڄي دنيا ۾ ساراهجندڙ تشخص جي بحالي جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور، پي ٽي وي کي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائڻ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي ۽ انساني وسيلن جي ڀرپور استعمال جي تجويز
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر