اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم کي نشان پاڪستان عطا ڪيو. ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ خصوصي تق??يب ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي اسلامي معاملن جي حمايت ۽ پاڪستان جي بهترين دوست هجڻ جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان سان نوازيو. تق??يب دوران ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته ملائيشيا جو وزيراعظم علامه اقبال جو شيدائي آهي ۽ ان جي ڪم ک?? پنهنجي لاءِ تحريڪ جو ذريعو سمجهي ٿو. وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ سدائين انسانيت جي مسئلن جي حل ۽ اسلامي قدرن جو علمبردار رهيو آهي. سندس قيادت انصاف جي فروغ ۽ اسلامي دنيا کي درپ??ش عالمي مسئلن جي حل لاءِ گهري وابستگي سان عبارت آهي. هو خودمختياري جي تحريڪن جو حامي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ظلم جي خلاف آواز اٿاريندو رهيو آهي. سندس جدوجهد اسلامو فوبيا جي خلاف ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ جاري آهي ته جيئن مختلف ثقافتن ۽ مذهبن جي ??چ ۾ افهام تفهيم ۽ احترام کي فروغ ڏئي سگهجي. ان تق??يب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهن، سفارتڪارن ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ ه?? سرڪاري آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.
صدر آصف علي زرداري پاران ملائيشيا جي وزيراعظم کي نشان پاڪستان عطا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو