اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي ??رب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رياض ۾ منعقد ٿيندڙ فيو??ر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن ۾ شرڪت ڪندو، ڪابينا جا اهم ميم??ر پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. فيو??ر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ملڪن جي لاءِ معاشي طاقت کي ظاهر ڪرڻ، غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ هڪ پائيدار مستقبل جي جوڙجڪ جي لاءِ مڪالمي ۾ مشغول ٿيڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي ڪم ڪري ٿو. هن سال جي فيو??ر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جو ٿيم ”انفينيٽ هورائزنز: انويسٽنگ ٽو ڊي، شپنگ ٽو مور“ آهي جيڪو عالمي سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندو جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، تعليم، توانائي، خلا، ماليات، صحت جي سارسنڀال ۽ پائيداري جهڙن اهم مسئلن کي حل ڪرڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ٻين اعليٰ سعودي ??ملدارن سان اهم ٻطرفي ڳالهه ٻولهه متوقع آهي. ڌريون پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ اقتصادي، توانائي ۽ ??فا??ي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي غور ڪنديون. وزيراعظم جي فيو??ر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي اٺين ايڊيشن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪاروباري ماڻهن سان ملاقات پڻ متوقع آهي.
وزيراعظم 29 کان 30 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری