اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌر?? سالڪ حسين سان مصر جي مفتي ??عظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي اڳواڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي ۽ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خ??تمي، بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگ واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دن??ا ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، امن جي قيام ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي حوال?? سان مختلف تجويزن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير چوڌر?? سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ مصر تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ??شتن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن زور ڀريو ته مسلم ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ وحدت کي هٿي ڏني وڃي. وفاقي وزير چيو ته دن??ا ۾ امن جي قيام لاءِ مذهبن ۽ تهذيبن وچ ۾ ڳالهين جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ۽ مصر کي بين المذاهب ۽ بين الثقافتي ڳالهين ذريعي دن??ا ۾ مذهبي هم آهنگي، امن ۽ برداشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ مصر سان اقتصادي، واپاري، ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. مصر جي مفتي ??عظم چيو ته مسلمان امت کي دهشتگردي جا خطرا درپيش آهن جنهن جي ازالي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، مصري مفتي ??عظم چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمن کي مصر موڪلي ته جيئن اهي دنيا جي قديم ترين درس گاهه جامعه الازهر جي تجربن ۽ تعليم مان فائدو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته موجوده دور جي علم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامعه الازهر جو پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي وزير چوڌر?? سالڪ حسين جامعه الازهر جي پاڪستان ۾ ڪيمپس کولڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ انتهاپسندي، شدت پسندي جي خ??تمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو ويو.
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان مصر جي مفتي اعظم ڊاڪٽر نظير محمد عياد جي ملاقات، پاڪستان ۾ جامعه الازهر جو ڪيمپس قائم ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea