گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس چي?? آهي، ته غزه ۾ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، اتي فوري جنگ بندي ڪئي وڃي. سلامت?? ڪائونسل جي هڪ اعليٰ سطحي سيشن ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته اسر??ئي?? 56 سالن کان فلسطينين تي ناجائز قبضو ڪري رکي?? آهي. هن چيو ته حماس جي حملن جي جواب ۾ اسر??ئي?? جهڙي طرح فلسطيني علائقن ۾ بمباري ڪري رهي?? آهي ان ب??ران کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏي?? آهي ۽ سلامت?? ڪائونسل ۾ سخت ڳڻتي واري صورتحال آهي. هن چيو ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو پر ان ب??د جهڙي ريت غزه کي اجتماعي سزا ڏني پئي وڃي ان جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي. هن چيو ته مان گهري ڳڻتي ۾ آهيان ته هن وقت غزه ۾ عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزي ٿي رهي آهي. مان اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته هٿياربند ويڙهه ۾ پڻ ڪنهن به ??ر جڪو پاڻ کي عالمي قانونن کان مٿانهون سمجهڻ جو حق ناهي، جيتوڻيڪ سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه اسر??ئي?? جو نالو وٺڻ بنا چئي آهي. سلامت?? ڪائونسل جي خاص سيشن دوران ٿوري ئي دير ۾ اسر??ئي?? جي سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي استعيفيٰ جو اهو چئي مطالبو ڪيو ته انتونيو گوتريس دهشتگردن ۽ قاتلن سان گڏ ٺاهه جي حمايت ڪري ٿو.
غزه ۾ عالمي قانون جي سرعام ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے