رياض – 11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز چي?? آهي، ته اسان لاءِ تڪليف جو سبب آهي جو رمضان ال??بارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به اسان جا فلسطيني ڀائر اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهيا آهن. شاهه سلمان رمضان ال??بارڪ جي ڀلاري مهيني جي آمد تي مملڪت جي شهري ۽ سمورن مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي پيغام ۾هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي وحشياڻي ڏوهه کي روڪڻ، محفوظ انساني ۽امدادي راهداريون کولڻ جون ذميواريون ادا ڪري، ان مملڪت جي حدن جي حفاظت ڪندڙ عسڪري، سيڪيورٽي اد??رن جي اهلڪ??رن ۽ وطن جي خدمتن ۾ مصروف مختلف کاتن سان تعلق رکندڙ سمورن سرڪاري ملازمن کي به ڀلاري مهيني جون خاص مبارڪون ڏنيون. شاهه سلمان چ??و ته اسان ال??ه پاڪ جو شڪر ادا ڪيون ٿا جنهن هن ملڪ کي اسلام جو سرچشمو بڻايو، جتان اسلام جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکڙيو ۽ اسان کي الحرمين الشريفين ۽ ان جي زائرين جي خدمت جو موقعو ڏنو. پيغام جي آخر ۾ مملڪت جي امن ۽ خوشحالي ۽ روزيد??رن جا روزا قبول ٿيڻ جي دعا ڪئي.
رمضان المبارڪ ۾ فلسطيني ڀائرن کي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، عالمي برادري امن لاءِ ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج