رياض-06 آگسٽ (اي پي پي ) عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان س??ن ملاقات ۾ غزه بحران تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز موجب سيڪريٽري جنرل جي ترجمان جمال رشدي ٻڌايو ته ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي ت??صيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .ملاقات دوران عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث خبردار ڪيو ته اسرائيل جي هاڻوڪن قدمن س??ن خطي کي سنگين خطرا درپيش آهن. ملاقات ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن ۾ عرب ليگ ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ جي طريقن جو به ??ائزو ورتو ويو. ان موقعي ت?? اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا خاص طور تي غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت دوران فلسطيني ڪاز جي حوالي سان اڳڀرائي ت?? به ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڪريٽري جنرل عالمي ب??اد??ي کان مطالبو ڪيو ته اها فلسطين جي عوام خاص ڪري غزه جي شهرين جي تحفظ جي ضرورت تي زور ڀري، جيڪي اسرائيلي حملن س??ب روزانو مشڪلاتن جو شڪار آهن . هن فوري جنگبندي، فوري امداد جي فراهمي ۽ ٻه رياستي حل تي عمل لاءِ اعتماد جوڳو رستو ڪڍڻ لاءِ به ??ور ڀريو. عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل فلسطينين جي حمايت ۾ عالمي فورم ۾ ترڪيه جي اصولي ۽ چٽي موقف جي تعريف ڪئي. ڌرين شام، ليبيا ۽ سوڊان جي تازي صورتحال تي به ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي
عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات، غزه بحران تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس