ملتان – 05 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسي?? چيو آهي ته اقتصادي لنگهه منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي انقلاب ايندو ۽ امن امان جي بهتري سان ڪاروباري ماحول بهتر ٿيو آهي. اها ڳالهه هن ملتا?? چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته واپاري ۽ صنعتڪار برادري کي پنهنجو پاڻ کي جديد گهرجن موجب آڻڻ گهرجي ته جيئن اهي ايندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهن ۽ عالمي واپار ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي سگهن.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر